لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت ملاقات ڪئي. لاهور ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ چوڌري شجاعت اڳوڻي صدر سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.چوڌري سالڪ، چوڌري شفيع، طارق بشير چيما، ذڪا اشرف، ملڪ احمد خان ۽ گوهر اعجاز به آصف علي زرداري کي فون ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو.










