اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي وڏو رليف ملي ويو

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي وڏو رليف ملي ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي سپريم ڪورٽ کان وڏو رليف مليو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ٽرمپ جي ٽيڪس ريٽرن کي ڪانگريس ڪميٽي کي ڏيڻ بابت عدالتي فيصلو معطل ڪيو ويو آهي.آمريڪي سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته جيستائين ميرٽ تي فيصلي لاءِ گهربل ڄاڻ نه ملي ويندي، تيستائين فيصلو ملتوي رهندو.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي 10 نومبر تائين پنهنجا دليل ڏئي ۽ ان کانپوءِ فيصلو ٻڌايو.ياد رهي ته گذريل هفتي فيڊرل ڪورٽ آف اپيلٽ انٽري روينيو سروس کي دستاويز ڪميٽي حوالي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.عدالتي حڪم 8 نومبر جي مڊٽرم چونڊن کان اڳ دستاويز جاري ڪرڻ جو رستو هموار ڪري ڇڏيو.ٽرمپ اپيلٽ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ هنگامي اپيل داخل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو