اڳوڻو چيني ليڊر 96 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين جو اڳوڻو اڳواڻ جيانگ زيمن، جنهن ملڪ کي 1980ع واري ڏهاڪي کان ملينيم تائين هڪ تبديليءَ واري دور ذريعي پهچايو، 96 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سرڪاري نيوز ايجنسي شنووا موجب جيانگ زيمن چين ۾ ٽيانانمن اسڪوائر جي ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ اقتدار سنڀاليو ۽ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري قوم کي عالمي اسٽيج تي هڪ پاور هائوس طور اڀرڻ جي طرف وٺي ويو. “جيانگ زيمن ڪيترن ئي عضون جي ناڪاره ٿيڻ سبب اربع 30 نومبر 2022 تي 12:13 پي ايم تي شنگھائي ۾ گذاري ويو. سڄي ملڪ ۾ڪميونسٽ پارٽي، فوجي ۽ چيني عوام عظيم اڳواڻ جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو