اڳوڻو وفاقي وزير بابر غوري آمريڪا روانو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جو اڳوڻو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير بابر غوري آمريڪا روانو ٿي ويو.ذريعن موجب بابرغوري کي سيڪيورٽي بانڊ جي ڪري گرفتار نه ڪيو ويو، وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) بابرغوري خلاف ٽيرر فنانسنگ ۽ مني لانڊرنگ جا ڪيس داخل ڪيا آهن.قومي احتساب بيورو (نيب) ۾ بابر غوري خلاف ڪراچي پورٽ ۾ غير قانوني ڀرتين واري معاملي تي به جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو