اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو اڳوڻو جج قاضي محمد امين دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. چکوال سان تعلق رکندڙ قاضي محمد امين جي عمر 66 سال هئي، جسٽس (ر) قاضي محمد امين جي لاڏاڻي جي سندس گهروارن به تصديق ڪئي آهي. خانداني ذريعن موجب جسٽس (ر) قاضي امين گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ علاج هيٺ هو. ياد رهي ته جسٽس (ر) قاضي محمد امين احمد 26 مارچ 1957ع تي چکوال ۾ پيدا ٿيو. قاضي محمد امين کي اپريل 2019ع ۾ سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، قاضي محمد امين مارچ 2022ع تي سپريم ڪورٽ جي جج طور رٽائر ٿيو.










