اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪابينا ڊويزن وفاقي ڪابينا ٽوڙڻ کانپوءِ اڳوڻي وزيرن ۽ صلاحڪارن پاران استعمال ڪيل گاڏيون فوري طور واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪابينا ڊويزن طرفان سمورن اڳوڻي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن کي لکت ۾ حڪم جاري ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورا اڳوڻا وزير، صلاحڪار ۽ خاص مددگار پنهنجون استعمال ٿيل گاڏيون فوري طور تي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي واپس ڏين.










