اکيون رڪارڊ تي نه پر ٽيم جي ڪارڪردگي تي آهن، اسامه مير

اکيون رڪارڊ تي نه پر ٽيم جي ڪارڪردگي تي آهن، اسامه مير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ملتان سلطانز جي اساما مير جو چوڻ آهي ته منهنجي نظر رڪارڊ تي نه پر ٽيم لاءِ پرفارمنس تي آهي.ڪراچي ۾ کيڏيل ايڇ بي ايل پي ايس ايل سيزن 9 جي ڪواليفائرز کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سلطانز جي اساما مير چيو ته ڪراچي ۾ هميشه اسپنرز کي سپورٽ ملندي آهي.اساما مير چيو ته گذريل ايڊيشن ۾ به منهنجي ڪارڪردگي سٺي هئي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن کيڏيل پي ايس ايل 9 جي ڪواليفائر ميچ ۾ ملتان سلطانز پشاور زلمي کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو. ملتان سلطانز طرفان اساما مير ۽ ڪرس جورڊن 2-2 جڏهن ته ڊيوڊ ويل، محمد علي ۽ عباس آفريدي هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو