اچڪزئي جي اپوزيشن ليڊر طور نوٽيفڪيشن اڄ ڪيو ويندو

اچڪزئي جي اپوزيشن ليڊر طور نوٽيفڪيشن اڄ ڪيو ويندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسپيڪر آفيس قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آهي.نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ هڪ سمري تيار ڪري اسپيڪر آفيس ڏانهن موڪلي ڇڏي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪالهه اميدوار جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي هئي، محمود خان اچڪزئي مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ واحد اميدوار آهي.ٻئي طرف وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته محمود خان اچڪزئي جو اپوزيشن ليڊر طور نوٽيفڪيشن جمعي تي ڪيو ويندو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي صدر جي آفيس ۾ سنڌ جو ڪيس پيش نه ڪرڻ گهرجي ها.قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر چيو ته محمود خان اچڪزئي جو نوٽيفڪيشن هڪ سٺو شگون آهي، پر پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ضروري آهي ته جيئن ايندڙ قدمن جو فيصلو ڪري سگهجي، جنهن ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ سندس واپسي به شامل آهي.ان تي رانا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن 8 فيبروري کان پوءِ 8 مئي جي احتجاج جي ڪال نه آئي ته تحريڪ انصاف جي باني سان ملاقات جو معاملو حل ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو