اڄ کان لاهور مان پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ شروع

اڄ کان لاهور مان پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ شروع

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ اڄ لاهور کان شروع ٿيندي. پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته چيئرمين عمران خان سميت ڪير ڪڏهن گرفتاري پيش ڪندا؟ ان حوالي سان حڪمت عملي پارٽي طرفان طئي ڪئي ويندي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي اڄ لاهور ۾ 200 ڪارڪنن جي گرفتاري جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن لاهور پوليس کين گرفتار نه ڪيو ته هو کيس گرفتاري ڏيڻ ملتان ويندا. پنجاب حڪومت مال روڊ، مين گلبرگ بليوارڊ جي آس پاس قلم 144 لاڳو ڪيو آهي. هوڏانهن اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته هي دنيا جي انوکي جيل ڀريو تحريڪ آهي جنهن جي شروعات ان جي ليڊر حفاظتي ضمانت ڪرائڻ بعد شروع ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو