ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ مسلسل گهٽتائي کانپوءِ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب پاڪستاني رپيو هڪ ڀيرو ٻيهر گرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي ڊالر اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي 12 پئسا وڌي 215 رپيا ٿي ويو.
اسٽاڪ ايڪسچينج، مثبت شروعات
ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح مثبت طور تي ڪاروبار شروع ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 193 پوائنٽس وڌي 43870 تي پهچي ويو.










