نوشهره (ويب ڊيسڪ)بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ قوم کي خطاب ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪندو. نوشهره ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته عالمي سطح تي پيٽرول سستو ناهي ٿي رهيو، حڪومت 250 ارب رپيا فراهم ڪندي جنهن سان پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ 4 مهينن تائين پيٽرول مهانگو نه ٿيندو. هن چيو ته دنيا ۾ بهتري آئي ۽ پيٽرول سستو ٿيو ته پيٽرول جا اگهه وڌيڪ گهٽ ٿيندا. پرويز خٽڪ چيو ته بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا في يونٽ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ٽيون اهم اعلان اهو هوندو ته بي اي ۽ ايم اي پاس بيروزگار نوجوانن کي 10 کان 20 هزار رپيا ماهوار پگهار ڏني ويندي.










