لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۽ خيبر پختونخواه جي ڪيترن ئي علائقن جن ۾ پاڪپتن، اوڪاڙه، وهاڙي، ملتان، لاهور شامل آهن، ۾ هلڪي کان وچولي برسات پئي.موسميات کاتي موجب، اڄ اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخواه ۽ ڪشمير ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي.شام يا رات بلوچستان، سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ مينهن پئجي سگهي ٿو.










