اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ رهبر ڪميٽي 20 سيپٽمبر تي زرادري هائوس اسلام آباد ۾ اي پي سي گهرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اڪرم دراني جي گهر تي ٿيل اجلاس بعد بريفنگ دوران گڏيل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اپوزيشن ۾ ڪو به اختلاف ناهي سڀ متفق آهن ته شفاف چونڊون ٿين. ان هائوس تبديلي بابت فيصلو اي پي سي ڪندي. 11 جماعتن جي نمائندن تي مشتمل رهبر ڪميٽي جي اجلاس ۾ بي اين پي مينگل به شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران ننڍين جماعتن پاران پ پ ۽ نواز ليگ کان سخت سوال ڪيا ويا. جي يو آءِ ف سوڌو ننڍين جماعتن ڏوراپو ڏنو ته پ پ ۽ نواز ليگ پهرين به ننڍين جماعتن کي پٺيءَ ۾ ڇُرو هنيو آهي، آزادي مارچ کان پارليامينٽ ۾ قانونسازي تائين هر مرحلي ۾ ٻنهي جماعتن حڪومت جو ساٿ ڏنو، ڪير ضمانت ڏيندو ته ٻئي وڏيون جماعتون هن ڀيري به پٺيءَ ۾ ڇرو نه هڻنديون.










