اپوزيشن پاران گلگت چونڊ بابت اسپيڪر جي دعوت رد

اپوزيشن پاران گلگت چونڊ بابت اسپيڪر جي دعوت رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن پاران آل پارٽيز جي 26 نڪاتي ايجنڊا تي عمل درآمد لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيو آهين. بلاول ڀٽو قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پاران پارليماني اڳواڻن کي گلگت بلتستان جي چونڊن بابت ڳالهه ٻوله واري اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان ميان نواز شريف سان رابطو ڪري نئين ٺاهيل اتحاد پي ڊي ايم جي جوڙجڪ بابت مشاورت ڪئي آهي. ذريعن جو چون آهي ته اتحاد جو سربراهه مولانا فضل الرحمان کي مقرر ڪرڻ بابت مشاورت هلي پئي. هوڏانهن ميان شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته نواز شريف جي تقرير آئين مطابق هئي. مسلم ليگ (ن) جي مريم اورنگزيب به اسپيڪر جي ڳالهين واري آڇ رد ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته گلگت جي 24 عام سيٽن تي اليڪشن 15 نومبر تي ٿيندي. گلگت اليڪشن آگسٽ ۾ ٿيڻي هئي جيڪا ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪئي وئي هئي. سيپٽمبر جي وچ ڌاري آرمي چيف پارليماني اڳواڻن کي گلگت کي صوبو بنائڻ بابت مشاورت ڪئي هئي جنهن ۾ بلاول ڀٽو چيو هو ته گلگت م چونڊون شفاف ڪرايو ۽ گلگت جي عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏيو  يعني نئين چونڊيل اسمبلي فيصلو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو