اپوزيشن پاران موجوده سياسي صورتحال تي سخت ردعمل ڏيڻ تي غور

اپوزيشن پاران موجوده سياسي صورتحال تي سخت ردعمل ڏيڻ تي غور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ذريعن جو چوڻ آهي ته متحده مخالف ڌر موجوده سياسي صورتحال تي سخت جواب ڏيڻ تي غور ڪري رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته متحده مخالف ڌر عدالتي فيصلي جو انتظار ڪرڻ بدران روڊن تي اچڻ تي صلاح مشورا ڪري ڇڏيو آهي، مشاورت ۾ آصف زرداري، شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري حڪومت خلاف مرحليوار تحريڪ هلائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. آصف زرداري تجويز ڏني آهي ته پهرين مرحلي ۾ صوبائي سطح تي وڏو احتجاج ڪيو وڃي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ اسلام آباد ۾ عوام کي گڏ ڪيو وڃي، مخالف ڌر جي اڳواڻن اڳوڻي صدر جي تجويز تي اتفاق ڪيو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي متحدا اپوزيشن هڪ وڏو اجلاس گهرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جيڪو هن هفتي سڏائڻ جو امڪان آهي. وڏي جلسي کي مسلم ليگ ن جو قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف به خطاب ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو