اپوزيشن پاران اسپيڪر تي جانبداري جو الزام

اپوزيشن پاران اسپيڪر تي جانبداري جو الزام

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته اسپيڪر عمران خان جو ٽول بڻجي ويو، آئين جي لتاڙ تي اسپيڪر آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو حقدار آهي، شهباز شريف چيو آهي ته دعا بعد پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ لاءِ اُٿي بيٺس، اسپيڪر ڏسڻ به گوارا نه ڪيو ۽ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، اسد قيصر عمران خان سان گڏجي سازش ڪري رهيو آهي. کيس وارننگ ڏيان ٿو ته سومر تي اهڙي حرڪت ڪئي ته پوءِ دما دم مست قلندر ٿيندو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هي ڪهڙو ڪپتان آهي، جيڪو پِچ ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، فوزيه وهاب جو لاڏاڻو ٿيو ته دعا بعد آئيني ذميواري پوري ڪندي وزيراعظم جي چونڊ لاءِاجلاس جاري رکيو هو، عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي، بي اعتمادي رِٿ تي عمل شروع ٿيو ته عمران خان اڳوڻو وزيراعظم ٿي ويندو.شهباز شريف چيو ته پاڪستان تاريخ جي انتهائي نازڪ موڙ تي آهي، هو علي الاعلان چوي ٿو ته جيڪڏهن اسپيڪر سومر تي غير آئيني ڪم ڪيو ته بي اعتمادي جي تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ هر آئيني، قانوني ۽ سياسي حربا استعمال ڪنداسين، پوءِ ڪو اسان کي ميار نه ڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو