ملير (رپورٽر) ملير ۾ حددخلين خلاف آپريشن دوران ڇڪتاڻ وارو معاملو، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف ڪيس داخل، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت، سرڪاري ملازمن تي حملي ۽ قتل جي ارادي جا قلم شامل، وڌيڪ 70 ماڻهو به نامزد، مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته حددخلين خلاف آپريشن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪيو پيو وڃي.










