اپوزيشن جي اعتراض باوجو سيپيڪ آرڊيننس اسمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن جي احتجاج باوجود حڪومت پاڪ چين اقتصادي راهداري بابت سيپيڪ اٿارٽي آرڊيننس 2019 قومي اسمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. پارلياماني معاملن جي وزير اعظم سواتي سيپيڪ اٿارٽي جي منصوبن جي جلم مڪمل ٿيڻ لاءِ اٿارٽي آرڊيننس اسمبلي ۾ پيش ڪيو. جيئين ئي هن آرڊيننس پيش ڪيو ته مسلم ليگ (ن) جي احسن اقبال ۽ پيپلز پارٽي جي سيد نويد قمر حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هي حڪومت آرڊيننس ذريعي معاملا هلائي پئي. احسن اقبال چيو ته پارليماني ڪميٽي ۾ موڪلڻ بدران سڌي طرح ايوان ۾ پيش ڪرڻ ڪميٽي جي توهين آهي. پارليماني ڪميٽي جي اڪثريت اهو سمجهي ٿي ته اٿارٽي جي قيام سان سيپيڪ منصوبن کي نقصان رسندو ان ڪري حڪومت کي چيو هو ته ان باري ۾ مناسب قانونسازي ڪئي وڃي. اسين ان جي مذمت ڪريو ٿا. ياد رهي ته صدر عارف علوي آڪٽوبر ۾ عمران خان جي چين واري دوري جي موقعي تي آرڊيننس جاري ڪيو هو جنهن بعد حڪومت ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم باجوا کي اٿارٽي جو چيئرمين لڳايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو