بجٽ جي مخالفت، 25 جولاءِ تي يوم سياه، رهبرڪميٽي قائم

بجٽ جي مخالفت، 25 جولاءِ تي يوم سياه، رهبرڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪل جماعتي ڪانفرنس ۾ 11 رڪني يهبر ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان، جيڪا اپوزيشن جي تحريڪ جي حڪمت عملي ۽ طريقه ڪار طئي ڪندي. مولانا فضل الرحمان، شهبازشريف، بلاول ڀٽو، فرحت الله بابر ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪندي ٻڌايو ته 25 جولاءِ تي پوري ملڪ ۾ ڌانڌلي زده چونڊن خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو ۽ ان بعد جلسا جلوس ڪيا ويندا، بجٽ عوام دشمن آهي ان خلاف پارليمان اندر ۽ ٻاهر احتجاج جاري رهندو. هڪ سوال تي هنن ٻڌايو ته سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ بابت به رهبر ڪميٽي طئي ڪندي. نئون چيئرمين به بلوچستان جو هوندو. اختر مينگل جي مطالبن کي تسليم ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ اسلام آباد کي بند ڪرڻ بابت به غور ٿيو پر ان باري ۾ رهبر ڪميٽي فيصلو ڪندي ۽ گرمين بعد اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. ان کان اڳ پارليامينٽ مان استعيفيٰ ڏيڻ بابت مولانا فضل الرحمان جي تجويز پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ رد ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته فيالحال اهو مناسب ناهي. ڪل جماعتي ڪانفرنس جو گڏيل پڌرنامون جاري ڪرڻ لاءِ 11 رڪني ڪميٽي مسوودو تيار ڪري پئي بظاهر اختلافن سبب 5 ڪلاڪ لڳي ويا. اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس مقامي هوٽل ۾ شروع ٿي وئي آهي. جنهن ۾ ملڪ جي ٻن وڏين جماعتي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بلاول ڀٽو، رضا رباني، فرحت الله بابر ۽ ٻيا ۽ مسلم ليگ (ن) جا مرڪزي اڳواڻ ميان شهباز شريف، مريم نواز 15 رڪني وفد،ِ اسفند يار ولي، محمود خان اچڪزئي، حاصل بزنجو، آفتاب شير پائو، ساجد مير، انس نوراني، ننڍين جماعتن جا نمائندا به شرڪت ڪري رهيا آهن. مولانا عطاءُ الرحمان، اڪرم دراني، غفور حيدري ۽ ٻيا مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪري رهيا آهن. اختر مينگل عين وقت تي شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وزيراعظم عمران خان کيس ملاقات لاءِ گهرائي ورتو. جماعت اسلامي اڳ ۾ ئي سرڪت کان انڪار ڪيو هو. بلاول ڀٽو ۽ اسفند يار ڪجهه دير ويهي فوٽو سيشن بعد هليا ويا. اي اين پي جي ميان افتخار صحافين کي ٻڌايو ته هنن تجويز ڏني آهي ته ڪميٽي ٺاهيو جيڪا تحريڪ بابت تجويذون مرتب ڪري، سينيٽ خيئرمين کي هٽائڻ جو فيصلو به اها ڪميٽي ڪري.

حڪومت خلاف موثر حڪمت عملي ٺاهي پارليمان اندر ۽ ٻاهر حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ اهم فيصلا متوقع آهن. شروع ۾ بلاول شرڪت کان معذرت ڪئي هئي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته ميان نواز شريف جيل مان اسفند يار ۽ اچڪزئي سميت ڪجهه اڳواڻن سان رابطا ڪري اي پي سي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀٽو آمد کان اڳ قومي اسمبلي هڪ دفعو ٻيهر محسن داوڙ ۽ عي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ اسپيڪر ۽ حڪومتي ميمبرن کي هث ٻڌي چيو ته هي ايوان جي وقار ۽ بالادستي جو سوال آهي سندن پروڊڪشن آرڊر جاري ڪريو. ڪجهه تجزيه ڪارن بجٽ جي منظوري جي موقعي تي جڏهن ڪٽوتي جي تحريڪن تي ووٽنگ پارليامينٽ م هلي پئي، ان موقعي تي اپوزيشن جي اي پي سي جو انعقاد حڪومت کي واڪ اوور ڏيڻ برابر آهي. هوڏانهن وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فضل الرحمان پهريون ڀيرو اقتدار کان ٻاهر رهڻ سبب ائين پيو تڙپي جيئن مڇي تلاءَ کان ٻاهر ٿيڻ سبب تڙپندي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته دوست ملڪ پاڪستان کي خراب معاشي حالتن مان ڪڍڻ لاءِ مدد ڪري رهيا آهن، اپوزيشن کي خبر آهي ته صورتحال بهتر ٿيڻ کانپوءِ کين ڪير نه پڇندو، لفظن جو سهارو وٺي عوام کي گمراهه نه ٿو ڪري سگهجي، ٻنهي سياسي نابالغن جو نظريو سندن پنهنجون پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن، مخالف ڌر سهڪي رهي آهي، اپوزيشن ڀڙڪون هڻي آڪسيجن ڳولي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو