اٽي ۽ کنڊ جو بحران حڪومتي ڪوتاهي سبب ٿيو، وزيراعظم

اٽي ۽ کنڊ جو بحران حڪومتي ڪوتاهي سبب ٿيو، وزيراعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ پيدا ٿيل اٽي ۽ کنڊ جي بحران جي ذميواري قبول ڪندي اقرار ڪيو آهي ته ان ۾ حڪومت جي ڪوتاهي شامل آهي. هن چيو ته ان معاملي جي جاچ هلي رهي آهي ۽ بحران پيدا ڪندڙ ڪير به هجي ان کي معاف نه ڪنداسين ۽ سخت ڪاروائي ڪنداسين. اهڙو اظهار هن ڇنڇر تي لاهور ۾ هڪ ڏينهن واري دوري دوران صحت ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ياد رهي ته خوراڪ واري وفاقي وزير ڪڻڪ جي بين الصوبائي اچ وڃ تي پابندي ۽ سنڌ ۾ ٽرانسپورٽرن جي هڙتال کي اٽي جي بحران جو ذميوار قرار ڏنو هو. جڏهن ته اپوزيشن جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار تي سپلاءِ گهٽائي هٿرادو بحران پيدا ڪري مال ڪمائڻ جو الزام لڳايو هو.  

پهنجو تبصرو موڪليو