اي ڊي بي پاراب ايم ايل-1 منصوبي جي ٻيهر مدد جو فيصلو

اي ڊي بي پاراب ايم ايل-1 منصوبي جي ٻيهر مدد جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) ڪراچي-پشاور ريلوي منصوبي، ML-1 ۾ مالي مدد ذريعي ٻيهر شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت هڪ مرحليوار قرض فراهم ڪيو ويندو. ان کان اڳ ADB چين جي ML-1 منصوبي جي مالي مدد ۽ مڪمل ڪرڻ ۾ دلچسپي نه هجڻ جي ڪري منصوبي کان دستبردار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو. ADB جي صدر مساتو ڪانڊا ڪالهه اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما سان ملاقات ڪئي.وفاقي وزير پنهنجي دوري کي پاڪستان ۽ ADB جي وچ ۾ ڊگهي ۽ قابل اعتماد ڀائيواري جو عڪس قرار ڏنو، جيڪو سالن کان ملڪ جي ترقياتي ترجيحن جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو