اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) تحريڪ انصاف کي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي.اي اين پي ترجمان زاهد خان ۽ سينيئر اڳواڻ ميان افتخار حسين به عمران خان سان زمان پارڪ ۾ ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو.شاهه محمود قريشي جواب ڏنو: حاضر آهيون.عوامي نيشنل پارٽي جي آل پارٽيز ڪانفرنس 3 مئي تي ٿيندي.ترجمان زاهد خان جو چوڻ آهي ته ملڪ جو بنيادي مسئلو معيشت، دهشتگردي ۽ سياسي صورتحال آهي.آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ انهن اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو ۽ ملڪ کي انهن مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ڪو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.










