ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)عوامي نيشنل پارٽي جي وفد شاهي سيد جي سربراهي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هنن وڏي وزير کي ڪراچي اولهه ۾ پيئڻ جي پڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جو نطام بهتر ڪرڻ لاءِ چيو. وڏي وزير مڪاني ادارن جي وزير سيد ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو اي اين پي نشاندهي ڪيل مسئلن جي حل لاءِ انتظام ڪري. وفد ۾ ثمرالدين خٽڪ، حنيف شاهه ۽ اورنگزيب شامل هئا. هنن ٽرانسپورٽ ۽ پراڻن روڊن حالت بهتر ڪرن جو به مطالبو ڪيو. ملاقات ۾ سيد ناصر شاهه، سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب به موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ رشيد چنا مطابق وڏي وزي وفد سان ڳالهائيند ي چيو ته ڪراچي منهنجو گهر آهي ۽ اسين تعمير نو شروع ڪئي آهي شهر جي مسئلن جي حل لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهيون.










