ايڪس کولڻ حڪومت جو ڪم آهي،جنهن ڏينهن چوندا کولينداسين

ايڪس کولڻ حڪومت جو ڪم آهي،جنهن ڏينهن چوندا کولينداسين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين چيو آهي ته سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس کولڻ حڪومت جو فيصلو آهي، جنهن ڏينهن اهي چوندا ته کولنداسين.سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين پي ٽي اي رانا محمود الحسن جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان جي 56 سيڪڙو آبادي وٽ انٽرنيٽ آهي، 5جي جي نيلامي مارچ ۽ اپريل ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.هن چيو ته اسان گذريل سال 4 ڀيرا موبائيل سروس بند ڪئي، 9 مئي ۽ اليڪشن ٺيڪ ناهي، ٽيلي نار چئي رهي آهي ته نقصان ٿيو آهي.هن چيو ته آءِ او ٽي ٽيڪنالاجي جي لائسنسنگ شروع ڪري رهيا آهيون، سيٽلائيٽ پاليسي مڪمل ٿي چڪي آهي.ان تي راڻا محمود الحسن پڇاڻو ڪيو ته سوشل ميڊيا تي عالمي اشتهار اچن ٿا، ڇا اهي ٽيڪس ادا ڪندا آهن؟ چيئرمين پي ٽي اي چيو ته هن وقت ان حوالي سان ڪا به قانون سازي يا ضابطو ناهي.وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته عالمي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز فيس بڪ، انسٽاگرام سان ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي ڪمرشل سرگرمين لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ان تي سڄي دنيا ۾ ٽيڪس لڳل آهي.سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته هو موبائيل فونز کي مهانگو ڪري رهيا آهن، هي اي پي تائين پهچ کي روڪي رهيا آهن، ملڪ جي ڊجيٽلائيزيشن کي روڪي رهيا آهن، معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ڇا ڪري رهيا آهن؟

پهنجو تبصرو موڪليو