ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي سنڌ پاران ٽيڪس نه ادا ڪندڙن/اوپن ليٽر ۽ بغير رجسٽريشن جي هلندڙ گاڏين جي مالڪن کان ٽيڪس وصولي جي روڊ چيڪنگ مهم جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ انسداد منشيات مڪيش ڪمار چاولا جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ انسداد منشيات عاطف رحمان خان، ڊائريڪٽر جنرلز اورنگ زيب پنهور، اقبال احمد لغاري، ڊائريڪٽر وحيد شيخ ۽ ٻين واسطيدار آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪس نه ادا ڪندڙن گاڏين جي مالڪن کان ٽيڪس جي وصولي لاءِ شروع ٿيڻ واري روڊ چيڪنگ مهم لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن. ڪراچي ۾ 37 کان وڌيڪ جڳهن تي گاڏين جي چيڪنگ ڪئي ويندي جڏهن ته صوبي جي ٻين ڊويزن جي ڊائريڪٽرن پنهنجي حڪمت عملي جي تحت چيڪنگ جي جڳهن جو تعين ڪندا. صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ انسداد منشيات مڪيش ڪمار چاولا اجلاس کي خطاب ڪندي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته روڊ چيڪنگ مهم جي دوران ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ٽريفڪ جي رواني ۾ رڪاوٽ واقع نه ٿئي ۽ کاتي ايڪسائيز جي روڊ چيڪنگ مهم جي سلسلي ۾ واسطيدار ٽريفڪ حڪام سان گڏ مضبوط رابطا رکيا وڃن. هن چيو ته ٽيڪس نه ادا ڪندڙن گاڏين جي مالڪن کان ٽيڪسز جي وصولي لاءِ شروع ٿيندڙ مهم جي دوران وڌ کان وڌ گاڏين کي چيڪ ڪيو وڃي ته جيئن قومي خزاني ۾ رقم جمع ڪرائي وڃي. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ٽيڪس نه ادا ڪندڙن گاڏين جي مالڪن کي پڻ درخواست ڪئي ته هو ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال کان بچڻ جي لاءِ روڊ چيڪنگ مهم کان اڳ پنهنجي واجبات الاد ٽيڪسز جمع ڪرائي ڇڏين. هن چيو ته صارفين جي سهولت لاءِ آن لائن ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي پڻ سهولت موجود آهي. ٽيڪس جمع ڪرائڻ جا خواهشمند ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن سنڌ جي ويب سائيٽ www.excies.gos.pk تي وزٽ ڪن.










