ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شڪارپور ايڪسائيز پوليس 80 ڪلو چرس ڪراچي سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيڇڏي. تفصيل موجب ايڪسائيز انسپيڪٽر رحيم بخش سنجراڻي پنهنجي ٽيم سان گڏٻن جوابدارن عبدالرزاق ۽ نجيب الله کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 80 ڪلو چرس هٿڪري ورتو. ٻنهي جوابدارن جو تعلق مستونگ بلوچستان سان آهي.جوابدارن وٽان جرس بيڊفورڊٽرڪ نمبر C-1458 مان هٿڪيون ويون. جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙٽرڪ به قبضي ۾ ورتو ويو. صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊٽيڪسيشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس مڪيشڪمار چاولا ڪاميابڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو منشيات فروشن خلاف ڪارروايون جاري رکن ۽ سنڌ ۾ منشيات اسمگل ڪرڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائين.










