ايپل پاران هيڪنگ کان بچائڻ لاءِ نئين ’لاڪ ڊائون موڊ‘ جو اعلان

ايپل پاران هيڪنگ کان بچائڻ لاءِ نئين ’لاڪ ڊائون موڊ‘ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ايپل صارفين کي هيڪنگ حملن کان بچائڻ لاءِ آئي فونز لاءِ ’لاڪ ڊائون موڊ‘ متعارف ڪرائي رهيو آهي.ايپل 6 جولاءِ تي اعلان ڪيو ته نئون فيچر انساني حقن جي ڪارڪنن، سياسي ڪارڪنن ۽ ٻين کي منظم هيڪنگ حملن کان بچائيندو.اهو اعلان ان کانپوءِ آيو آهي جڏهن گهٽ ۾ گهٽ ٻن اسرائيلي ڪمپنين آئي فون هيڪ ڪرڻ لاءِ ايپل جي سافٽ ويئر ۾ خامين جو فائدو ورتو.NSO گروپ Pegasus نالي سافٽ ويئر تيار ڪيو، جيڪو اهڙن هيڪنگ حملن لاءِ استعمال ٿيندو آهي.ايپل اسرائيلي ڪمپني تي سافٽ ويئر تي ڪيس داخل ڪيو، ۽ آمريڪي عملدارن ان کي بليڪ لسٽ ڪيو.لاڪ ڊائون موڊ iPhones، iPads ۽ Mac ڊوائيسز لاءِ متعارف ڪرايو ويندو ۽ آئي فون جي ميسيجنگ ايپ تي موڪليل اڪثر منسلڪات کي بلاڪ ڪندو.هي نئون موڊ به وائرڊ ڪنيڪشن کي بلاڪ ڪندو جڏهن آئي فون لاڪ ڪيو ويندو.هڪ ٻي اسرائيلي ڪمپني، Cellebrite، آئي فون ڊيٽا تائين رسائي لاءِ اهڙا دستي ڪنيڪشن استعمال ڪري ٿي.ايپل آفيسرن جو چوڻ آهي ته انهن کي يقين آهي ته هي منظم هيڪنگ حملا نادر آهن ۽ اڪثر صارفين کي نئين لاڪ ڊائون موڊ کي چالو ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي.ايپل جي مطابق، اهو سيڪيورٽي محققن کي هن نئين موڊ ۾ مليل هر غلطي لاء 2 ملين ڊالر ادا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو