ايپل جي نئين آءِ فونز جا تفصيل اچڻ شروع ٿي ويا

ايپل جي نئين آءِ فونز جا تفصيل اچڻ شروع ٿي ويا

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)ايپل جا نوان آءِ فونز سيپٽمبر ۾ متعارف ڪرائڻ جا امڪان آهن پر ليڪس جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.9 ٽو 5 گوگل جي هڪ رپورٽ موجب ايپل پاران آءِ فون 15 ۾ ڪمپيوٽنگ پاور جي جڳهه تي بيٽري لائيف کي بهتر بڻائن تي ڪم ڪيو ويو آهي.ان مقصد لاءِ اي 17 پراسيسر کي استعمال ڪيو ويندو.ايپل لاءِ چپ تيار ڪندڙ ڪمپني موجب آءِ فون 15 ۾ پراسيسر ۾ پرفامنس جي جڳهه تي بيٽري لائيف بهتر ڪرڻ کي ترجيح ڏني ويندي. ٽي ايس ايم سي جي 3 ايم اي ٽيڪنالوجي تي مبني اهو پراسيسر آءِ فون 15 سيريز جو حصو بڻجندو.هن وقت آءِ فون 14 جي ماڊيولز ۾ 5 اين ايم ٽيڪنالوجي تي مبني پراسيسر استعمال ڪيا پيا وڃن.2023 جي آءِ فون ماڊلز ۾ پهريون ڀيرو چارجنگ لاءِ يو ايس بي ٽائيپ سي پورٽ به ڏيڻ جو امڪان آهي.اهڙي طرح آءِ فون 15 ۽ 15 پلس جا اگهه به آءِ فون 14 ۽ 14 پلس جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿي سگهن ٿا.ان جو ڪارڻ آءِ فون 14 پلس جو وڪرو گهٽ ٿيڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو