نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) ايپل پاران ٽيڪنالوجي جو حق ملڪيت (پيٽنٽ) داخل ڪيو ويو آهي جنهن تحت پنهنجي ليپ ٽاپ جي هر ڪي ۾ هڪ ڊسپلي اسڪرين هڻن چاهي ٿو.ان ڪي بورڊ تي ٻن قسمن جا ڊسپلي هنيا ويندا جنهن سان ڪي ليبل جون تصويرون ظاهر ٿينديون، ٻي سطح تي ٽچ جو احساس ڏيندڙ سينسر لڳل هوندا.تجزيو ڪندڙن موجب بورڊ ڊسپلي تي لفظ ڪيترين ئي ٻولين جي حوالي سان تبديل ٿي ويندا ۽ ڊسپلي تي ان جو اظهار ٿيندو جنهن سان استعمال ڪندڙ کي آساني ٿيندي، ٻئي طرف ڪي بوڙد دسپلي ۽ گيم کيڏڻ ۾ ڀرپور مدد ڪري سگهندو.










