اين ٽي ايس پاس استادن جو احتجاج،حق ڏيڻ جو مطالبو

اين ٽي ايس پاس استادن جو احتجاج،حق ڏيڻ جو مطالبو

دادو(ن سنڌيار) سال 2013 ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي ۾ ڪيل پرامن احتجاجي مظاهري مٿان پوليس تشدد جي دادو ۾ اميدوارن پاران احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ثناءَ الله سولنگي، افضل جمالي، يونس پنهور، نويد لغاري، نثار سومرو، جاويد لغاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جي پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران حقن جي حاصلات لاءِ جوڙيل تنظيم جي مرڪزي صدر حبيب سنڌي، فدا حسين لغاري، منور سيال سميت ٻين اميدوارن مٿان ڪراچي ۾ پوليس پاران جيڪو وحشياڻو تشدد ڪيو ويو آهي ان جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اسان پنهنجي مطالبن تان دستبردار نه ٿينداسين، اميدوارن جون گرفتاريون اسان جي حوصلن کي پشت نه ڪري سگهنديون حڪمت عملي جوڙي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، اڳواڻن چيو ته اسان کي آفر آرڊر ڏنا وڃن ۽ 2013 جي سمورن اين ٽي ايس پاس اميدوارن کي ميريٽ پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ تعليم کاتي جي خالي پيل جاين تي استاد طور مقرر ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو