ٺري ميرواھ (ن سنڌيار)ٺري ميرواھ: ٺري ميرواه ۾ اين ٽي ايس استادن پاران 2013 جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جا پلي ڪارڊ کڻي پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪيو، جي ايس ٽي، پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس، آفر آرڊر نه ملڻ تي اميدوارن احتجاج ڪيو، ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن بشير شر، اسلم شر، منير احمد، جاويد حسين، علي اصغر شر، حضور بخش ويسر سان گڏ احتجاج ڪيو، جتي هنن چيو ته اسان 2013 ۾ آين ٽي ايس استادن جي ٽيسٽ پاس ڪئي ھئي، هاڻي تعليم کاتي پاران بي اي جي 40 تي اميدوارن کي اھل قرار ڏنون پيو وڃي، جڏهن ته اسان کي 60 کان 98 مارڪون کيون آهن. اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد، هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۽ سکر اين ٽي ايس جي اميدوارن جي حق ۾ فيصلا ڏنا آهن پر حڪومت ھن وقت تائين ڪورٽن جي حڪمن تي عمل ناھي ڪيو اسان 60، 70، 90 کان وڌيڪ مارڪون کنيون آهن پر افسوس اسان کي آفر آرڊر نه ٿا ڏنا وڃن، جيڪڏهن اسان کي حق نه ڏنو ويو ته اسان 30 مئي تي وزيراعلي سنڌ ھائوس جي اڳيان پرامن احتجاج ڪنداسين، احتجاج ۾ اياز علي، ساجد حسين، علي حسن، ڪليم الله، شفيق احمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.










