اين سي او سي پاران سياحتي ماڳ ايس او پيز تحت کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اين سي او سي سياحتي ماڳن کي 24 مئي کان ايس او پيز تحت کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اين سي او  سي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سياحت جي شعبي کي 24 مئي کان ايس او پيز تحت کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هوٽل ۽ گيسٽ هائوسز سياحن کان ڪورونا منفي رپورٽ طلب ڪرڻ جا پابند هوندا. نوٽيفڪيشن موجب هوٽل ۽ گيسٽ هائوسز سياحن کان سڃاڻپ ڪارڊ طلب ڪرڻ جا به پابند هوندا جيڪي ماڻهو ويڪسين لڳرائي چڪا آهن اهي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ لازمي جمع ڪرائيندا. نوٽيفڪيشن موجب 50 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ بنا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي ڪمرو بڪ نه ٿيندو. پهرين جولاءِ کان پوءِ هوٽلز  عملو 40 سال ۽ وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي به بنا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي ڪمرو   نه ڏيندو. هڪ ڪمرو هڪ ئي ماڻهو جي لاءِ يا ٻن وڏن ماڻهن ۽ ٻارن جي لاءِ بڪ ڪري سگهجي ٿو. ٽور آپريٽرز ۽ هوٽل انتظاميه سمورن مسافرن جو رڪارڊ ڏيڻ جا پابند هوندا.پرڏيهي سياحن جي لاءِ ٽيسٽ، قرنطينه ۽ ويڪسينيشن پاليسي تي عمل ڪرڻ لازمي هوندو. اين سي او سي موجب سياحتي هنڌن تي اچڻ وارن رستن تي سياحن کان هيلٿ ڊيڪلريشن فارم ڀرايا ويندا. سياحتي هنڌ تي وڃڻ کان اڳ مسافر ماسڪ ۽ سينيٽائيزر جو مناسب انگ يقيني بنائين.

پهنجو تبصرو موڪليو