اين اي 75 ڌانڌلي اليڪشن ڪميشن نتيجا روڪي ڇڏيا

اين اي 75 ڌانڌلي اليڪشن ڪميشن نتيجا روڪي ڇڏيا

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ)نواز ليگ پاران اليڪشن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجا روڪڻ واري درخواست تي رٽرننگ آفيسر اين اي 75 تي ننڍي چونڊ لاءِ ٿيل پولنگ جا نتيجا روڪي ڇڏيا آهن. آر او جو چوڻ آهي ته تڪ تي ننڍي چونڊ جي حتمي نتيجن جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي، گذريل رات 23 پولنگ اسٽيشنز جو عملو مبينا طور غائب رهيو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پولنگ جا نتيجا روڪڻ نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جي ڪوشش آهي، نتيجا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي اهڙو عمل مهانگو پوندو، نواز ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ووٽ سان گڏ اليڪشن عملو به چوري ٿي ويو، ڌُنڌ جو جواز ڄاڻائي اين اي 75 جي نتيجن ۾ هٿ ٺوڪي دير ڪرڻ وارو عمل مذمت جوڳو آهي، تڪ تي ننڍي چونڊ دوران سڄو ڏينهن حڪومتي غنڊاگردي ذريعي پولنگ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. شاهد خاقان عباسي چيو ته 70 ڪلوميٽر پري وارين پولنگز جا نتيجا اچي ويا پر 20 پولنگز جيڪي ويجهيون هيون انهن جو پولنگ عملو بيلٽ باڪس سميت غائب ٿي ويو. هن چيو ته انهن 20 پولنگ اسٽيشنز تي 88 سيڪڙو ووٽ ڪاسٽ ٿيو آهي جڏهن ته باقي 143 پولنگز اسٽيشن تي 30 سيڪڙو ووٽ پيا. هن چيو ته رات 3 وڳي چيف سيڪريٽري به جواب ڏنو.ياد رهي ته ڊسڪه واري قومي اسمبلي جي تڪ 75 تي ڪالهه پولنگ دوران فائرنگ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جو هڪ هڪ ڪارڪن فوت ۽ 3 زخمي ٿيا هئا. ڊاڪٽر عاشق فردوس اعوان چيو آهي ته سندس اميدوار 7 هزار کان مٿي جي ليڊ تي کٽي چڪو آهي نتيجي جو اعلان ڪيو وڃي. وڌيڪ تفصيل لاءِ هي به پڙهو.

پهنجو تبصرو موڪليو