ملتان (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اين اي 157 جي تڪ جي عوام ۽ سياسي پارٽين جو ٿورائتو آهيان جو جن اسان تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو تڪ جي عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ لاءِ سموريون صلاحيتون ڪتب آڻينداسين هي سيد علي موسيٰ گيلاني جي فتح نه پر تڪ جي عوام جي فتح آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن (ن) ليگ عورتن واري شعبي جي ضلعي صدر روبينه خليل، جنرل سيڪريٽري خولهه امجد، سيڪريٽري انفارميشن مديحه شيخ، جودت ڪامران سان گيلاني هائوس ۾ مبارڪون ڏيڻ جي موقعي تي ڪيو يوسف رضا گيلاني چيو ته يقينن (ن) ليگ جي عورت ڪارڪنن به سيد علي موسيٰ گيلاني جي ڪاميابي لاءِ ڏينهنر رات محنت ڪئي جنهن تي مان انهن جو ٿورائتو آهيان گيلاني خاندان کي جڏهن به اسيمبلين ۾ وڃڻ جو موقعو مليو عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ قدمن کي يقيني بڻايو هڻي به تڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويندو.










