اين ايف سي آءِ اي ٽي ڪيمپس زمين منتقلي ڪيس، 6 مئي تائين رپورٽ طلب

اين ايف سي آءِ اي ٽي ڪيمپس زمين منتقلي ڪيس، 6 مئي تائين رپورٽ طلب

سکر: (پ_ر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي (NFC-IET) سب ڪيمپس نوشهروفيروز بابت داخل آئيني درخواست جي ٻڌڻي جسٽس امجد علي ٻوھيو ۽ جسٽس علي حيدر ادا آڏو ٿي گذري. اڄ ٿيل ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز جي نمائندگي ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر عثمان عارف ڀٽي عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي عدالت سڳوري گذريل حڪم تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي کيس ڇنڊ پٽيندي هدايت ڪئي ته 6 مئي 2026 تائين مڪمل عملدرآمد رپورٽ پيش ڪئي وڃي. واضح رهي ته هن ڪيس ۾ نوشهروفيروز جي سماج سڌارڪ ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ امتياز علي عباسي ذريعي آئيني درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اين ايف سي آءِ اي ٽي ملتان نوشهروفيروز لڳ نورپور ۾ 51 ايڪڙ زمين ڪيمپس جي قيام لاءِ حاصل ڪئي، پر بعد ۾ ڪيمپس قائم ڪرڻ بدران اها زمين ڪمپني جي نالي منتقل ڪئي وئي. پٽيشنر موجب اين ايف سي سنڌ مان وسيلا حاصل ڪرڻ باوجود پنجاب ۾ ٻه يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ هڪ به ڪيمپس قائم نه ڪيو ويو آهي، جيڪو ناانصافي تي ٻڌل عمل آهي. درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته مذڪوره زمين جي منتقلي کي غير قانوني قرار ڏئي رد ڪيو وڃي ۽ نوشهروفيروز ۾ اين ايف سي آءِ اي ٽي ڪيمپس قائم ڪيو وڃي. ياد رهي ته هن ڪيس جي اڳوڻي ٻڌڻي 26 مارچ تي ٿي هئي، جنهن دوران عدالت ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ارسلان سليم جي نمائندگي ڪندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر مور مستقيم قريشي کان سخت پڇاڻو ڪندي غير قانوني منتقلي بابت وضاحت طلب ڪئي هئي. عدالت ان موقعي تي حڪم ڏنو هو ته لاڳاپيل زمين جي منتقلي رد ڪري فوري طور سرڪاري قبضي ۾ ورتي وڃي ۽ عملدرآمد رپورٽ پيش ڪئي وڃي. تاهم، مذڪوره حڪم تي عمل نه ٿيڻ سبب اڄ ٻيهر ٻڌڻي دوران عدالت سخت برهمي جو اظهار ڪندي اختيارين کي آخري موقعو ڏنو آهي ته هو 6 مئي 2026 تائين حڪم تي مڪمل عمل ڪري رپورٽ جمع ڪرائين. عدالت پاران هن اهم عوامي مفاد واري ڪيس ۾ ڪارروائي جاري آهي، جنهن جو مقصد تعليمي اداري جي قيام ۽ عوامي وسيلن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو