سکر(ن س) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز کي اين ايف سي ـ آءِ اي ٽي يونيورسٽي لاءِ ڏنل زمين واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواستگذار موجب اين ايف سي ملتان جي يونيورسٽي نوشهروفيروز ۾ ڪيمپس لاءِ 51 ايڪڙ زمين وٺي بعد ۾ ڪيمپس قائم ڪرڻ بدران ڪمپني جي نالي تي ٽرانسفر ڪرائي ڇڏي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي ٻه رڪني بئنچ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس علي حيدر ادا تي مشتمل آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ، درخواستگذار موجب اين ايف سي سنڌ مان ڪمائي رهي آهي، پنجاب ۾ 2 يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون آهن، پر سنڌ ۾ هڪ به ڪيمپس ناهي، نوشهروفيروز ۾ ڪيمپس قائم ڪرڻ جي نالي تي 51 ايڪڙ زمين وٺي اها ڦٻائڻ لاءِ ڪپمني جي نالي تي ڪئي وئي، نوشهروفيروز ۾ اين ايف سي آء تي ڪيمپس يا يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر بينچ اين ايف سي ـ آءِ اي ٽي يونيورسٽي ملتان جي زمين بابت اهم حڪم جاري ڪندي اختيارين کي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو،اين ايف سي آء ٽي يونيورسٽي ملتان طرفان نوشهروفيروز ۾ 51 ايڪڙ زمين ڪيمپس جي قيام لاءِ حاصل ڪئي وئي هئي، پر بعد ۾ اها الاٽمينٽ منسوخ ڪري زمين اين ايف سي لميٽيڊ لاهور حوالي ڪئي وئي. درخواستگذار ڊاڪٽر عبدالقدیر ميمڻ جي وڪيل امتياز علي عباسي جا دليل ٻڌڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز کي هدايتون جاري ڪيون. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته لاڳاپيل زمين تي فوري طور قبضو حاصل ڪيو وڃي ۽ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالتي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز کي عملي قدم کڻڻ جو پابند بڻايو ويو آهي.










