سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ غير معياري مٽيريل استعمال ٿيڻ جو انڪشاف، سکر ۾ هوائن سبب ٻاهرين ڀت ڪري پئي، پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏين کي شديد نقصان، خبرموجب وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي تعاون سان اندرون سنڌ لاءِ ٺهيل اين آءِ سي وي ڊي دل جي اسپتال سکر ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جڏهن ته سکر شهر ۾ تيز هوائن کانپوءِ اين آءِ سي وي ڊي بلڊنگ جي ڀت تي لڳل سرون ڪري پيون آهن. سرون ڪرڻ جي نتيجي ۾ پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏين کي پڻ شديد نقصان رسيو آهي. اين آءِ سي وي ڊي بلڊنگ ۾ غير معياري مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب اهڙو واقعو پيش آيو آهي. انتظاميا پاران اين آءِ سي وي ڊي بلڊنگ ۾ استعمال ٿيل مٽيريل جي جاچ ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا ويا. ياد رهي ته اتر سنڌ ۾ دل جي سڀ کان وڏي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال سکر جي باءِ پاس واري علائقي ۾ قائم ٿيل آهي. جتي روز سوين ماڻهون علاج لاءِ پهچن ٿا، اسپتال جي بلڊنگ ۾ غير معياري مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب ڪنهن به وقت وڏي جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.










