اينڊ رائيڊ صارفين لاءِ گوگل ميپ جو نئون فيچر

اينڊ رائيڊ صارفين لاءِ گوگل ميپ جو نئون فيچر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گوگل ميپس اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙن لاءِ هڪ نئون فيچر جاري ڪري رهيو آهي جيڪو ڪافي عرصي کان iOS ڊوائيسز تي اڳ م ئي دستياب آهي. 9 کان 5 گوگل جي هڪ رپورٽ موجب اينڊرائيڊ لاءِ گوگل ميپس ايپ جو هي نئون فيچر اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙن لاءِ موسم ۽ هوا جي معيار بابت ڄاڻ فراهم ڪندو. موسم ۽ هوا جي معيار ڄاڻڻ لاءِ سرچ بار جي هيٺان کاٻي ڪنڊ ۾ هڪ باڪس هوندو، هن باڪس ۾ درجه حرارت ۽ هوا جي معيار جا تفصيل هوندا جڏهن ته هي باڪس برسات، برف يا موسم جي اڳڪٿي به ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو