ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي )ملير ۾ اينٽي انڪروچمنٽ ۽ پوليس جي ڪارروائي عليم عادل شيخ جا فارم ھائوس غير قانوني ڄاڻائي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، اسان وٽ زمين جا ڪاغذات موجود آهن سنڌ حڪومت طرفان انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي آهي عليم عادل شيخ، تفصيل موجب گذريل ڏينهن اينٽي انڪروچمنٽ روينيو ۽ پوليس ڳري مشينري ساڻ ڪري گڏاپ روڊ ۽ ميمڻ ڳوٺ ۾ قائم ٿيل عليم عادل شيخ جا ٻه فارم ھائوس غير قانوني ڄاڻائي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا پوليس موجب فارم ھائوس غير قانوني طور تي سرڪاري زمين تي قائم ڪيا ويا هئا جڏهن ته ٻي پاسي عليم عادل شيخ ڪارروائي کي انتقام جو نشانو قرار ڏئي ڇڏيو سندس چوڻ هو ته اسان وٽ زمين جا مڪمل ڪاغدات موجود آهن جيڪي سنڌ ھائي ڪورٽ کان تصديق پڻ ٿيل آهن سندس چوڻ هو ته وزير اعلي سنڌ بلاول ڀٽو زرداري جي چوڻ تي انتقامي ڪارروائي ڪئي آهي.










