راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ايندڙ 72 ڪلاڪ ملڪي سياست ۾ اهم هوندا، قوم رڳو عدليه مان اميد رکي ٿي، باقي سڀ ڪجهه مايوسي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف جي پريس ڪانفرنس قوم سان مذاق هئي، غريب بک وگهي مري ويا آهن، مهانگائي جو شيطان حڪومت کي کائي ويندو.هن چيو ته عدليه هن ملڪ کي بحران مان ڪڍندي ۽ چورن کي آئين جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي.شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته 13 پارٽيون ڪنهن به صورت ۾ چونڊون نه ٿيون چاهين، رڳو عمران خان چونڊون چاهي ٿو، آءِ ايم ايف جو صدر به چوي ٿو ته هنن اميرن کي سبسڊي ڏني آهي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته جيل ڀريو تحريڪ لاهور پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف، زرداري، فضل الرحمان کانسواءِ سڀ پاڪستان لاءِ پريشان آهن، اقتدار جي بکايل ماڻهن جو جمعو بازار آهي.هن اهو پڻ چيو ته هو اڄ 2 وڳي لياقت باغ پريس ڪلب ۾ خطاب ڪندو.










