ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ هفتي کان ڪراچي ۾ سخت گرمي پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته هوا جي گهٽ دٻاءُ سبب هلندڙ ڏينهن دوران ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي اچڻ لڳي آهي.شهر ۾ سامونڊي هوائون سٺي رفتار سان هلي رهيون آهن جڏهن ته صبح جو سوير ۽ شام ۾ ڪڪر به موجود هوندا آهن. چيف ميٽرولوجسٽ موجب شهر ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي پر شهر ۾ 19 اپريل کان پوءِ گرمي جي شدت ۾ ڪجهه اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ ان دوران گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.سردار سرفراز ٻڌايو ته هوا جي گهٽ دٻاءُ سبب ملڪ جي اترين علائقن ۾ برساتن جو امڪان آهي. جڏهن ته 18 ۽ 17 اپريل تي دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ ۾ طوفان سان گڏ هلڪي برسات جو امڪان آهي. اهڙي سسٽم سبب مٿانهين سنڌ، سکر، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ۾ برسات پئجي سگهي ٿي.










