ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايندڙ مئي تائين ايم ڪيو ايم کي ڳولي وٺنداسين.ڪراچي ۾ مزدور ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستان ۾ جاگيردار سوشلزم جو نعرو لڳائيندا آهن، جيڪي پارٽين ۾ رهن ٿا اهي تبديلي جو نعرو لڳائين ٿا، جيڪي پنهنجي جاگيردارن کي تحفظ ڏين ٿا اهي ڪڏهن به نظام کي بچائي نٿا سگهن.هن چيو ته ايندڙ مئي تائين اسان ايم ڪيو ايم کي ڳولي وٺنداسين، جيڪا اسان ڳولي رهيا آهيون، تنظيم اسان جي ضرورت مطابق تبديل ٿيندي يا تنظيم جي ضرورت مطابق تبديلي آڻينداسين.










