ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ مان پيپلزپارٽي جو خاتمو ٿيندو، شيخ

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)پاڪستان تحريڪ انصاف جي  ايم پي اي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ دادو ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي بعد صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل 13 سالن ۾ سنڌ کي7 ھزار 8 سو80 ارب روپيه مليا. انھن مان پپلزپارٽي وارن 7 ھزار ڪروڙ به عوام تي  خرچ نه ڪيا آھن سنڌ ۾ ڇتا ڪتا معصوم ٻارن کي ڏاڙھن پيا ڪتي جي ويڪسين اسپتالن ۾ اڻ لڀ آھي ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ مان پپلزپارٽي جو صفايو ڪندي. ھڪ سوال جي جواب ۾ حليم عادل شيخ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ ڪو به گروپ نه پيو ٺھي سنڌ ۾ تعليم ,صحت ,امن امان جي صورتحال خراب آھي جنھن جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي دادو ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آھي چوريون ,ڦرون روز جو معمول بڻيل آھن پاڪستان تحريڪ انصاف عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي اسين ڪرپشن ڪندڙن کي ڪڏھن به بخش نه ڪنداسين انھن کان ھر محاذ تي حساب وٺنداسين.اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ پارٽي  اڳواڻن سردار رجب خان شاھاڻي ,حيدر سيال ,حاجي محرم لغاري,لياقت جمالي ,احمد خان جمالي ,بشير احمد لنڊ, عبدالقادر ڪلھوڙو  ۽ ٻين سان پارٽي معاملن تي اھم گڏجاڻي ڪئي ۽ کين تنظيم ڪاري لاءِ هدايتون ڏنيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو