ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ۾ عدم اعتماد تي اتفاق

ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ۾ عدم اعتماد تي اتفاق

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) عدم اعتماد ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ۾ ٿيل ملاقات ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن. خميس ڏينهن زردراي هائوس ۾ مانجهاندي ٿيل ملاقات ۾ حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي  ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ خالد مقبول صديقي، عامر خان، امين الحق، وسيم اختر ۽ جاويد حنيف شامل هئا. جڏهن ته آصف علي زردراي، بلاول ڀٽو، يوسف رضا گيلاني، سيد مراد علي شاهه، ناصر شاهه، سعيد غني، مرتضيٰ وهاب ۽ رخسانه بنگش به ان موقعي تي موجود هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم اپوزيشن کي بي اعتمادي جي رٿ جي حمايت جو يقين ڏياريو آهي ۽ ايم ڪيو ايم بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ واري ڏينهن مخالف ڌر جي حمايت جو اعلان ڪندي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم مطالبو ڪيو ته جن شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جا ميئر رهيا انهن ۾ ايم ڪيو ايم جا نامزد ڪيل ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو