ڪراچي (ن سنڌيار) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي وڏي وزير مراد علي شآهه کي ناڪام وڏو وزري قرار ڏيندي چيو ته پوليس جي هجڻ جي باوجود ڪراچي لاوارث شهر آهي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران خواجه اظهارالحسن چيو ته ڪراچي پوليس چيف جو تاجرن سان ملاقات دوران بيان سمجهه کان ٻاهر آهي. هو شايد وساري ويٺو هو ته هو ڪراچي جو پوليس آفيسر آهي ان ۾ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪراچي پوليس چيف لائق ۽ ايماندار آفيسر آهي پوليس چيف ڪيئن چئِي سگهي ٿو ته ڪراچي وارا پنهنجن پيرن تي ڪهاري هڻي رهيا آهن ڪراچي پوليس چيف کي ڪڏهن به سياسي بيان بازي نه ڪرڻ گهرجي هتي بدقسمتي سان پوليس جا سمورا آفيسر سياسي آهن اسان ڪراچي پوليس چيف جي بيان جي سخت مذمت ڪريون ٿا ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ڪراچي پوليس جي هجڻ جي باوجود ڪراچي لاوارث شهر آهي ڪراچي ۾ ڪوبه تاجر، هڪ به علائقو محفوط ناهي رهيو گذريل 6 مهينن ۾ 800 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن اڄ به ڪراچي جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن من پسند ايس ايڇ اوز جي سرپرستي ۾ ڏوهاري سرعام گهمندا پيا وتن ڪنهن به جماعت ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي آواز ناهي اٿاريو اسٽريٽ ڪرائيم، تي پي ايس پي، پي ٽِ آئي ۽ جماعت اسلامي ڇو خاموش آهي خواجه اظهار الحسن سنڌ جي وڏي وزير کي ناڪام وڏو وزير قرار ڏيندي چيو ته مرادعلي شآهه ٻڌائي ته هن گهرو وزارت جوکاتو پاڻ وٽ ڇو رکيو آهي وڏي وزير کان نه وڏ وزارت هلي رهي آهي نه ئي گهرو وزارت اوهان کان نه اسٽريٽ ڪرائيم ڪنٽرول ٿيو پر صوبي کي تباهه ڪري ڇڏيو هن چيو ته قائم علي شاهه جي دور ۾ ماڻهو مرندا هئا ۽ هو چوندو هو سڀ ٺيڪ آهي (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن جو ڪريڊٽ ورتو ماضي جا ڏوهه ايم ڪيو ايم جي کاتي ۾لکيا وڃن ٿا ڪيڏانهن ويو اوهان جو ٽارگيٽيڊ آپريشن.










