”ايم ڪيو ايم وارن باهه ڏئي 250 ملازمن کي زندهه ساڙيو“

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سانحه بلديه ڪيس ۾ فيڪٽري جي مالڪن اهم جوابدارن جي سڃاڻپ ڪندي انتهائي لڱ ڪانڊاريندڙ انڪشاف ڪيا آهن. ڪراچي جي انسداد دهشتگردي جي خاص عدالت ۾ سانحه بلديه ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، دبئي ۾ پاڪستاني سفارتخاني کان فيڪٽري مالڪ ارشد ڀائيله کان اسڪائيپ جي ذريعي بيان رڪارڊ ڪرايو ويو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سانحه بلديه ٽائون جي فيڪٽري مالڪ بيان ڏنو آهي ته متحده قومي موومينٽ کي ڪروڙين رپين جو ڀتو ڏيڻ جو چيو ويو هو. انهن رحمان ڀولا، زبير چريا، رئوف صديقي سميت ٻين ملزمن کي سڃاڻِي ورتو آهي پر اڃان تائين ٻن ملزمن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ايم ڪيو ايم کي 15 کان 25 لک رپين جو  ماهوار ڀتو ڏيندا هئاسين. ارشد ڀائيلا لڱ ڪانڊاريندڙ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته منصور 2004  ۾ فيڪٽري جوائن ڪئي ۽ انهيءَ سال ايم ڪيو ايم جو ڀتو به شروع ٿي ويو ، ايم ڪيو ايم سان معاملا منصور طئي ڪرايا هئا، ايم ڪيو ايم کي 15 کان 25 لک رپين جو  ماهوار  ڀتو ويندو هو، منصور چيو ته جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪرڻو آهي ته ايم ڪيو ايم سان ٺاهي رکڻِي پوندي، 2005 ۾ فيڪٽري ملازم جنرل مئنيجر منصور، زبير عرف چريا کي فيڪٽري فينسنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڀرٿي ڪيو، زبير چريا بلديه جي سيڪٽر انچارج اصغر بيگ جي ننڍي ڀاءُ جو گهاٽو دوست هو. هن ٻڌايو ته جنرل مئنيجر منصور ايم ڪيو ايم کي 15 لک رپيه ماهوار ڏيڻ تي راضي ڪيو جڏهن ته باهه لڳڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم سيڪٽر انچارج اعجاز بيگ کي ڀتو ڏنو. پنهنجي بيان ۾ انهن وڌيڪ ٻڌايو ته 2012 ۾ منصور جي آفيس ۾ شاهد ڀائيلا سان سيڪٽر انچارج مليو ۽ چيائين ته هاڻِ ايم ڪيو ايم کي ڪروڙين رپين جو ڀتو ڏيڻو پوندو.

بلديا فيڪٽري کي 2012 ۾ لڳل باهه

بيان جي مطابق 12 جولاءِ 2012 تي اصغر بيگ جي جڳهه رحمان ڀولا کي بلديه جو سيڪٽر انچارج مقرر ڪيو ويو جنهن کان بعد هڪ ڏينهن جيئن اسين فيڪٽري مان نڪري رهيا هئا سين ته رحمان ڀولا روڪيو ۽ ڌمڪي ڏنائين ته  ڀتي جي لاءِ حماد صديقي سان رابطو ڪيو. انهن ٻڌايو ته رحمان ڀولا حماد صديقي  جي يقين ڏيارڻ  تي 25 ڪروڙ رپيه ڀتو ۽ فيڪٽري ۾ حصو گهريو ، اهو ٻڌي ڪري اسان حيران رهجي ويا سين. فيڪٽري مالڪ جي مطابق اسان منصور کي  ڀتي جا معاملا ڏسڻ لاءِ چيو ۽ انهي کي چيو ته  هڪ ڪروڙ رپيو ڏئي ڪري معاملو نبيريو وڃي. انهن ٻڌايو ته اسان کي مسلسل ايم ڪيو ايم جي طرفان تنگ ڪيو وڃڻ لڳو،  جنهن تي اسان ڪاروبار بنگلاديش منتقل ڪرڻ جي لاءِ اتان جو دورو پڻ  ڪيو، جڏهن ته اسان فيڪٽري وڃڻ وارا رستا ۽ گاڏيون به تبديل ڪندا رهندا هئا سين. عدالت ۾ بيان ڏيندي هنن وڌيڪ چيو ته 11 سيپٽمبر 2012 تي پهريون گدام ۾ باهه لڳائي وئي، فائر برگيڊ واقعي کان 60 کان 90 منٽ پوءِ پهتي. پر انهن وٽ پاڻي نه هيو ۽ اوزار به نه هيا جنهن سان باهه وسامجي سگهجي ها، مان فائر برگيڊ وارن کي پنهنجي هائڊرينٽ مان پاڻي جي پيشڪش ڪئي جنهن کي انهن رد ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو. فيڪٽري جي مالڪ ٻڌايو ته ان وقت جي چيف سي پي ايل سي احمد چنائي رشتيدار ذريعي پيغام موڪليو ته فيڪٽري ۾ وڌيڪ رهڻ مناسب نه آهي ان لاءِ اسان رشتيدارن جي طرف هليا ويا سين ، اسان جي وڃڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن فيڪٽري جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ ڪنهن کي به اندر وڃڻ نه ڏنو ويو.

بيان رڪارڊ ڪرائيندي انهن وڌيڪ ٻڌايو ته بعد ۾ اسان کي ملازم ٻڌايو ته جڏهن باهه لڳي هئي ته ان وقت زبير چريا چار کان پنج اجنبي ماڻهن سان گڏ ڪينٽين ۾ ويهي چرس پي رهيو هو. اهو خيال هو ته زبير چريا به فيڪٽري ۾ باهه لڳائڻ ۾ ملوث آهي. انهن ٻڌايو ته 12 سيپٽمبر جي واقعي جو ڪيس  ايم ڪيو ايم ۽ رئوف صديقي جي دٻاءَ تي اسان جي خلاف ئي داخل ڪيو ويو 24 ڪلاڪن ۾  اسان جا نالا ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ يعني اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا اسان کي ولن ۽ اصلي ملزم جي طور تي پيش ڪيو ويو، اسان لاڙڪاڻو کان ضمانت حاصل ڪئي ۽ پوليس جي جاچ ۾ شامل ٿيا سين. ارشد ڀائيله چيو ته اسان ٽن سالن تائين متاثر ملازمن جي خاندانن کي راشن ڏيندا رهيا سين ۽ مالي امداد به ڪئي. ڪميشن ٺهي ته اسان فرانزڪ جي ڊمانڊ ڪئي جنهن کي پڻ رد ڪيو ويو، ان وقت جي صوبائي وزير براءِ صنعت ۽ تجارت رئوف صديقي اسان جي ئي خلاف ڪيس داخل ڪرايو،  اسان پنهنجي ڪيس جي لاءِ نعمت الله رنڌاوا وڪيل جون خدمتون حاصل ڪيون هيون جيڪو ڪجهه تاريخن تي پيش ٿيو  پوءِ ان کي به قتل ڪيو ويو . ارشد ڀائيلا بيان ڏنو ته 2013 ۾ اسان جي چاچي کي سائيٽ ايريا کان اغوا ڪيو ويو، سي پي ايل سي جي چيف احمد چنائي اسان کي اغوا ڪندڙن سان معاملا طئي ڪرڻ جو چيو، اسان جي چاچي کي وڏو تعاون وٺي ڪري آزاد ڪيو ويو. ارشد ڀائيله چيو ته 13 سپٽمبر تي گورنر سنڌ عشرت العباد، احمد چنائي وسيلي پيغام موڪليو ته اسان گورنر هائوس ۾ پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيون، گورنر چيو ته  جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تان متاثرين کي معاوضو ڏيون ته هر شئي ٺيڪ ٿي ويندي، مسئلي کي ٿڌو ڪرڻو آهي ته هر مرڻ واري جي بيوه يا گهر وارن وارثن کي 4 لک روپيه ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تي جمع ڪرايون. ارشد ڀائيلا وڌيڪ چيو ته اڳوڻي ايم اين اي سلمان مجاهد بلوچ جيل ۾ ملاقات ڪئي ۽ چيائين ته مونکي وڪيل ڪيو مان معاملي کي ٿڌو ڪرائيندس، اسان جڏهن ضمانت تي آزاد ٿيا سين ته ايم ڪيو ايم جي طرفان سخت دٻاءُ وڌو ويو ، اسان ايم ڪيو ايم جي ذريعي معاملا حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ملزم علي قادري جي اڪائونٽ ۾  5 ڪروڙ 98 لک جمع ڪرايا .

ياد رهي ته ٽيڪسٽائيل فيڪٽري ۾ سيپٽمبر 2012 ۾ باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو هيو جنهن ۾ 250 ماڻهون مري ويا هئا. بلديه فيڪٽري ڪيس ۾ ڊرامائي موڙ  فيبروري 2015 ۾ ان وقت آيو جڏهن  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جوائنٽ انويسٽِگيشن رپورٽ ۾ رينجرس جي طرفان انڪشاف ڪيو ويو ته فيڪٽڙي ۾ باهه لڳڻ ۾ ايم ڪيو ايم ملوث آهي. ڊسمبر 2016 ۾ بلديه فيڪٽري ڪيس ۾ ملوث هڪ ٻيو ملزم ريحان عرف ڀولا کي انٽرپول جي مدد سان بئنڪاڪ مان گرفتار ڪري ڪراچي منتقل ڪيو ويو . عبدالرحمان ڀولا پنهنجي بيان ۾ اعتراف ڪيو هو ته هن  حماد صديقي جي چوڻ تي بلديه فيڪٽري ۾ باهه لڳائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو