ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ پرڏيهي وزارت ۽ قومي سلامتي ڪميٽي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ جمهوريت کي نقصان پهچايو ويو، عدليه جو فيصلو ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي شروعات آهي هن چيو ته هاڻي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، آر ٽي ايس پلس ثابت ٿيندو، اوورسيز پاڪستاني تجويز ڪيل قانون ۾ ووٽ جي حق جو تحفظ ڪندا ايم ڪيو ايم پاڪستان سان معاهدي بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايم ڪيو ايم سان جيڪي به معاهد ٿا آهن انهن ۾ ۾ منهنجي خواهش شامل آهي مسلم ليگ ن سان لاڳاپن بابت ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته ن ليگ سان سياسي ۽ نظرياتي اختلاف آهن ۽ مستقبل ۾ به رهندا، نئين سيٽ اپ ۾ منهنجي پرڏيهي وزير بڻجڻ تي پارٽي فيصلو ڪندي مبينا خط بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميمو گيٽ ڪميشن به جمهوريت خلاف سازش هئي، خط تي ڪميشن جو قيام ميمو گيٽ ٽو آهي جيڪا ناڪام سازش جي ڪوشش آهي پ پ چيئرمين چيو ته حڪومت خط جي معاملي تي پرڏيهي وزارت ۽ قومي سلامتي ڪميٽي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن يوسف رضا گيلاني کي هٽائڻ جو فيصلو ٿيو ته اسان به سفارتي ڪيبل لهرائي سگهون پيا










