ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي وقتي امير ايڊووڪيٽ سيف الدين چيو آهي ته ڪالهه فاروق ستار هل پارڪ جي زمين تي قبضي واري معاملي تي پريس ڪانفرنس ڪئي پر ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بهادر آباد واري آفيس به قبضي جي جڳهه تي ٺهيل آهي. نور حق اداري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊووڪيٽ سيف الدين چيو ته ڪراچي جي بربادي ۾ ايم ڪيو ايم پ پ سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل نظر ايندي آهي، ڪالهه فاروق ستار وسيم اختر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ هن جماعت اسلامي تي به تنقيد ڪئي، هن چيو ته جڏهن وسيم اختر ميئر هو ته فاروق ستار چيو هو ته انهي شخص کي ڪڍو، اسان ايم ڪيو ايم جي قبضن خلاف لسٽ سان گڏ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ڪيترين ئي جڳهين کي خالي ڪرايو ويو هو.هن چيو ته هل پارڪ جي زمين تي قبضي جو مسئلو اسان جي يوسي چيئرمين اٿاريو، 900 ڪوئا کائي حج تي وڃڻ واري ڳالهه ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بهادر آباد تي موجود مرڪزي آفيس به قبضي جي جڳهه تي ٺهيل آهي جنهن کي ٻن بلڊنگن جي وچ واري رستي تي قبضو ڪري ٺاهيو ويو آهي. جنهن دور ۾ شهر ۾ قتل، رتو ڇاڻ هوندي هئي، فاروق ستار انهي وقت ايم ڪيو ايم جو ڪرتا ڌرتا هو، اڄ اهو الطاف حسين جي مٿان الزام لڳائي رهيو آهي.سيف الدين ايڊووڪيٽ چيو ته فاروق ستار ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ مهارت رکي ٿو. چوي ٿو ته مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ ڪي فور جو منصوبو شروع ٿيو، جڏهن ته اهو منصوبو نعمت الله خان جي دور ۾ شروع ٿيو هو. رپورٽ موجود آهي ته ڪي فور ڪنهن جي دور ۾ شروع ٿيو، سالڊ ويسٽ مينجيمنٽ جو ادارو به ايم ڪيو ايم جي ڪري وجود ۾ آيو. معيد انور خط جي ذريعي پنهنجو ڪم سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو هو جنهن جو خط به موجود آهي.هن وڌيڪ چيو ته گهٽين پاڙن ۾ ڪچري جا ڍير لڳل هوندا آهن پر سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ ڪٿي به نظر نٿو اچي. اهو ٽوٽل سسٽم فراڊ تي ٻڌل آهي جنهن ۾ جعلسازي جي ذريعي پرچيون ٺاهي خانه پوري ڪئي پئي وڃي. مون پاڻ ڊمپنگ پوائنٽ جو دورو ڪيو جتي صرف هڪ ٽرڪ نظر آيو. هن چيو ته ڪراچي مسئلتان بڻيل آهي، سموري پاڪستان ۾ ماڻهو ايترو پريشان نه آهن جيترو ڪراچي ۾ آهن. پاڻي، بجلي، گيس جي کوٽ ۽ لاقانونيت موجود آهي، پاڻي جي سپلائي جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، ڌاٻيجي تي روزاني موٽرون خراب رهنديون آهن، ڪڏهن لائنون ڦاٽي پونديون آهن ته ڪڏهن بجلي جي بندش رهندي آهي.ايڊووڪيٽ سيف الدين وڌيڪ چيو ته شهرين کي پاڻي لائنن ۾ نه پر ٽينڪرز جي ذريعي ڏنو پيو وڃي. اڍائي هزار وارو ٽينڪر 10 هزار جو وڪرو ڪيو پيو وڃي. مرتضيٰ وهاب شهرين جي زخمين تي مرهم رکڻ بجاءِ وڌيڪ تڪليف ڏئي رهيو آهي اهو چوي ٿو ته جيڪڏهن پاڻي نه ملي ها ته شهر ۾ جهيڙا شروع ٿي وڃن ها. مرتضيٰ وهاب ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ ماسٽر آهي،ڇا مرتضيٰ وهاب اهو چاهي ٿو ته شهر ۾ باهيون لڳن؟ هن چيو ته جيڪڏهن 3 ڏينهن ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر نه ٿي سموري شهر ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪري ڇڏينداسين.










