ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو ايم اين اي پيپلز پارٽي ۾ شامل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جو اڳوڻو ميمبر قومي اسيمبلي خواجه سهيل منصور پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي.ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻ سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا سهيل چيو ته منهنجي خواهش تي پارٽي ۾ استقبال ڪيو ويو، مون تي اعتماد ڪرڻ تي سعيد غني ۽ ٻين اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان.هن چيو ته پيپلز پارٽي ڏکيا وقت ڏٺا پر ملڪ جي ترقي لاءِ ڪوششون جاري رکيون، پيپلز پارٽي پاڪستان خاص ڪري ڪراچي جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.خواجا سهيل جو چوڻ آهي ته متحده 35 سالن ۾ ڪراچي جي ترقي نه ڪري سگهي آهي، پيپلز پارٽي کي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ مينڊيٽ مليو آهي.ان موقعي تي سعيد غني چيو ته اڳوڻو ايم اين اي خواجه سهيل پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي، پارٽي ۾ شموليت تي کيس ڀليڪار ڪريان ٿو.سعيد غني جو چوڻ آهي ته سياسي پارٽيون پنهنجا اختلاف وساري ڪشميرين سان گڏ بيهڻ جو پيغام ڏين، پرڏيهي وزير ڪشمير جو مسئلو عالمي سطح تي اجاگر ڪري رهيو آهي. هن اهو به چيو آهي ته فيضان راوت به پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهي، پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن ۾ ووٽن سان کٽي آهي، جماعت اسلامي، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو