ايم ڪيو ايم باني پراپرٽي ڪيس هارائي ويو

ايم ڪيو ايم باني پراپرٽي ڪيس هارائي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جو باني به پارٽي قيادت کان پوءِ لنڊن ۾ پنهنجي ملڪيت وڃائي ويٺو. باني ايم ڪيو ايم لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ 100 ملين پائونڊ جي ملڪيتن جو ڪيس هارائي وئي، لنڊن ۾ 6 ملڪيتن ۾ باني متحده جي رهائشگاهه ۽ اڳوڻي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ شامل آهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ امين الحق لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ باني متحده مجلس عمل ۽ ٻين ٽرسٽز خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. انگلينڊ ۽ ويلز جي هاءِ ڪورٽ آف جسٽس بزنس اينڊ پراپرٽي ڪورٽ جي جج ڪلائيو جونز فيصلو ٻڌايو.

پهنجو تبصرو موڪليو